ڌنار کٿوري

ڌنار کٿوري (Spider Flower): هيءَ ننڍي خوشبودار ٻوٽي آهي، جيڪا جبلن ۽ پوٺن تي ٿيندو آهي. حڪيمن موجب ڌنار ٻوٽي معدي جي ڪيڙن کي مارڻ لاءِ مفيد آهي. وائي باديءَ کي ختم ڪري ٿي، سيني جي سور، معدي جي سور، جگر جي سوڄ، وڇونءَ جي ڏنگ ۽ مثاني جي پٿريءَ لاءِ مفيد آهي. هن ٻوٽيءَ جي پنن جو رس ڪن ۾ وجهڻ سان ڪن صاف ٿين ٿا ۽ دل ۽ دماغ کي تقويت ملي ٿي. سنڌ جي ڪيترن علائقن ۾ هن ٻوٽيءَ کي ’کستوري‘ به چوندا آهن، جڏهن ته نج سنڌي اکر ’کٿوري‘ آهي، جنهن کي ڌنار جي اضافي لفظ سان ’ڌنار کٿوري‘ ڪري سڏيو ويندو آهي. اهو نالو هن ٻوٽيءَ تي ان ڪري پيو آهي، جو ڌنار ماڻهو پنهنجي مال جو کير، ٺِڪر جي ساڙهين ۽ دکين ۾ ڏُهندا ۽ ولوڙيندا آهن ۽ اُهي ٿانوَ هن ٻوٽيءَ جون مُيون ٺاهي، انهن سان مليندا آهن، جنهن سان ٿانوَن ۾ سُٺي سڳنڌ ٿيندي آهي، جيڪا پوءِ کير کي به سُرهو بڻائي ڇڏيندي آهي. ڌنار کٿوري ٿر ۾ گهڻي ٿيندي آهي.


لفظ ڌنار کٿوريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو